خان خانان مرزا عبدالرحيم

خان خانان‘ مرزا عبدالرحيم: ’خان خانان‘ مرزا عبدالرحيم،بيرام خان جو فرزند ۽ هنديءَ جو وڏو شاعر هو. هن صفر 964هه مطابق 1556ع ۾ لاهور ۾ جنم ورتو. هنن ٻنهي پيءُ پُٽن کي مغل بادشاهن طرفان ’خان خانان‘ جو لقب مليل هو. جڏهن همايون بادشاهه 961هه/ 1554ع ۾ هندستان فتح ڪيو، تڏهن دهليءَ جي وڏن زميندارن سان سلطنت جي اڪثر سرڪردن رشتيداريون ڪيون. هڪ وڏي زميندار جمال خان ميواتيءَ همايون جي خدمت ۾ حاضر ٿي کيس پنهنجي ٻن ڌيئرن جا سڱ آڇيا. سندس هڪ ڌيءَ سان همايون بادشاهه پاڻ شادي ڪئي، جڏهن ته سندس ٻيءَ ڌيءَ سان بيرام خانخان خانانشادي ڪئي، جنهن مان بيرام خان کي 14 صفر 964هه/ 17 ڊسمبر 1556ع تي مرزا عبدالرحيم پيدا ٿيو. جڏهن مرزا عبدالرحيم جي والد بيرام خان کي گجرات جي هڪ انتهاپسند پٺاڻ شهيد ڪيو ته ان وقت سندس عمر چار سال هئي. بعد ۾ پٺاڻن بيرام خان جي ڇانوڻيءَ تي حملو ڪيو، پر محمد امين ديواني، بيرام خان جي گهر واريءَ ۽ پُٽ مرزا عبدالرحيم کي بچائي احمد آباد موڪلي ڇڏيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ 969هه/ 1563ع ۾ مرزا عبدالرحيم، اڪبر جي درٻار ۾ آندو ويو، جنهن هن ٻار جي پرورش ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏياريو.
جڏهن مـرزا عـبـدالـرحـيـم جـوان ٿـيـو ته کـيـس ’مـرزا خـان‘ جـو خـطـاب مـلـيـو. هن اڪبر بادشاهه جي دور ۾ امارت ۽ حڪومت جا اعليٰ منصب حاصل ٿيا. ابتدا ۾ اڪبر بادشاهه کيس گجرات جو سردار مقرر ڪيو. مرزا عبدالرحيم ڪجهه عرصي لاءِ شهزادي سليم (جهانگير بادشاهه) جو اتاليق به مقرر ٿيو. هن گجرات، احمدآباد ۽ ملتان فتح ڪيا ۽ جڏهن سنڌ جي فتح جو وارو آيو، تڏهن ملا فيضيءَ، اُن ڪاهه جي ماده تاريخ ’قصد تته‘ (999هه/ 1591ع) مان ڪڍي.
جنهن وقت سنڌ جي ترخان حاڪم مرزا جاني بيگ پنهنجي حڪومت دوران مرزا عيسيٰ ترخان وارو سڪو رد ڪري پنهنجو سڪو رائج ڪيو ۽ تورن ۽ ماپن ۾ به ڦير ڦار ڪئي ته ان ڳالهه تي اڪبر شاهه نواب صادق جي هٿان مرزا جاني بيگ ڏانهن فرمان موڪليو. نواب صادق فرمان پهچائڻ بدران تڪڙ ڪري مرزا جاني بيگ سان جنگ ڪئي ۽ شڪست کائي موٽيو. جنهن تي ڪاوڙجي شهنشاهه اڪبر پنهنجي اهم سپهه سالار مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ کي وڏي ڪٽڪ سان 1000هه/1592ع ۾ سنڌ تي حملي لاءِ روانو ڪيو. مرزا عبدالرحيم ٺٽي ڏانهن اُسهيو ۽ جاني بيگ جي فوج کي انڙپور وٽ اچي سامهون ٿيو. سخت جنگ لڳي، جنهن ۾
جاني بيگ هار کائي، ڪلان ڪوٽ جي قلعي ۾ بند ٿي وڃي ويٺو. هن لاڙ جو آباد علائقو مغلن جي حوالي ڪرڻ نه پئي چاهيو، ان ڪري پنهنجي پٽ کي لکي موڪليائين ته جنگي حڪمت عمليءَ هيٺ دشمن کي مالِ غنيمت هٿ چڙهڻ نه ڏنو وڃي، ان لاءِ ٺٽي کي جلائي ڀسم ڪيو وڃي. اڳتي هلي مرزا جاني بيگ حالتن کان مجبور ٿي عبدالرحيم ’خان خانان‘ آڏو پيش پيو، جنهن کيس اڪبري درٻار ۾ پهچايو. اڪبر شاهه مٿس مهربان ٿي سيوستان ۽ لاڙي بندر کانسواءِ باقي سڄو ملڪ کيس موٽائي ڏنو. اهڙيءَ طرح لاڙ سنڌ ۾ سنڌ جي آزاد حڪومت ختم ٿي، ان کان پوءِ هن علائقي لاءِ مغليه درٻار مان نواب مقرر ٿي اچڻ لڳا.
مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ جي ڪاميابين ۾ بيجاپور، گولڪنڊا ۽ ٻين وڏين رياستن کي فتح ڪري مغل سلطنت ۾ شامل ڪرڻ آهي. 1006هه/ 1597ع ۾ خان خانان جي گهر واريءَ ماهه بانوءَ جو انتقال ٿيو. دکن کي فتح ڪرڻ لاءِ اڪبر بادشاهه شهزادي دانيال ۽ خان خانان کي مقرر ڪيو، جن ٻنهي شوال 1008هه/ مئي 1600ع ۾ احمد نگر قلعي جو گهيرو ڪيو. معزز بانو عرف چاند بيبيءَ پنهنجن ڪجهه ملازمن جي غداريءَ جي ڪري جنگ هارائي ۽ مغل فوج قلعي ۾ اندر گهڙي وڏو قتل عام ڪيو. ابراهيم نظام شاهه ۽ چاند بيبيءَ کي گرفتار ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت
احمد نگر قلعو چئن مهينن ۽ چئن ڏينهن جي ڪارروائيءَ کان پوءِ فتح ٿيو. هن فتح کان پوءِ اڪبر بادشاهه خان خانان جي ڌيءَ جانان بيگم جي شادي پـنـهـنـجـي پـٽ دانـيـال سان ڪـرائـي. اڪـبـر بـادشـاهه جـي مـرڻ کـان پـوءِ
جهانگير بادشاهه به مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ کي اها ئي عزت ڏني، جيڪا کيس پهرين حاصل هئي. هن خان خانان کي احمد نگر جي سرداري ڏني. خان خانان هن دور ۾ ڪافي رياستن کي مغل سلطنت ۾ شامل ڪيو. جڏهن مهابت خان بغاوت ڪئي، تڏهن نورجهان بيگم خان خانان کي سڏي، بغاوت ختم ڪرڻ لاءِ لاهور موڪليو. لاهور پهچندي خان خانان بيمار ٿي پيو ۽ واپس دهلي پهچي 72 سالن جي ڄمار ۾ 1036هه/ 1637ع ۾ وفات ڪيائين. کيس همايون بادشاهه جي مقبري جي ويجهو دفن ڪيو ويو، سندس مزار تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايل آهي.
مرزا عبدالرحيم ’خان خانان‘ فارسي، ترڪيءَ کان سواءِ ننڍي کنڊ جي زبانن: هندي، سنسڪرت ۽ سنڌي وغيره تي وڏي دسترس رکندو هو ۽ پنهنجي دور جو مڃيل شاعر هو. هو خاص ڪري ’سينگار رس‘ جو بهترين شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. هندي عشقيه شاعريءَ جا رجحان ابتدا کان وٺي ’نائڪا ڀيد‘ ۽ ’سِنگار‘ جي عنوان سان نمودار ٿيا ۽ ان ۾ ٽيون موضوع ’پدمڻي‘ عورت جي معياري سونهن ۽ عادتن اطوارن بابت تصوراتي نظريي جي صورت ۾ نروار ٿيو. عشقيه شاعريءَ ۾ نائڪا، سورمي (هيروئن) کي چيو ويندو آهي. هنديءَ جي عشقيه شاعريءَ جي استاد شاعرن، نائڪا جي زباني، محبت جي مام کي نهايت نازڪ خيالي ۽ حسن بيانيءَ سان نروار ڪيو آهي ۽ شاعريءَ جي ان ڀيد کي ’نائڪا ڀيد‘ سڏيو ويندو آهي، جنهن فن جي شروعات ڪرپارام ڪئي، جڏهن ته عبدالرحيم خان خانان، هن فن ۾ ’بردي نايڪا ڀيد‘ نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن وڏي مڃتا ماڻي. هن جي ٻي شعري تصنيف ’سينگار سورٺا‘ مشهور آهي. هن جا هندي دوها به ڏاڍا مقبول هئا. هي عالمن، فاضلن ۽ شاعرن جو وڏو قدردان هو. تاريخ ’ماثر الڪرام‘ جي مصنف مير غلام علي آزاد بلگراميءَ سندس علميت ۽ ٻولين جي ڄاڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته هو عيسيٰ سنڌيءَ جو وڏو معتقد هو.
(حوالو: تذڪره ’ماثرالامراءِ‘، صمصام الدوله شاهنواز خان، طبقات اڪبري (اردو- ڀاڱو ٻيو.)


هن صفحي کي شيئر ڪريو